پير ميان محمد شاھ

پير ميان محمد شاھ: پير محمد شاهه، جيلاني خاندان سان تعلق رکندو هو. سندس وڏا ڪشمير جا هئا ۽ پير محمد شاھ به اُتي ئي ڄائو. سندس والد، سلسله طريقت جي بيعت خواجه نظام الدين ڪشميري ۽ خواجه محمد قاسم موهڙي شريف کان ورتي هئي، 1896ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ڪنڊڙي تعلقي بدين ۾ اچي رهيو. ڪجھه وقت کانپوءِ کيس هڪ هندوءَ کي زوري مسلمان ڪرڻ جي ڏوھه ۾ سزا ملي، جنهن مان پوءِ اپيل ڪري آزاد ٿيـو.
والد جي وفات کانپوءِ پير محمد شاھه جو وڏو ڀاءُ سجاده نشين بڻيو. هي وڏي ڀاءُ کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾ پهرين گھنڊيا ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ سڪرنڊ جي ڀرَ ۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ ۾ رهيو. هن جو سلسله طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي هزارين ماڻهو ايندا هئا، جن لاءِ چون ٿا ته انهن مان ڪيترن کي حال پوندو هو ۽ وجد ۾ اچي ڦٿڪندا، ڀتين سان ٽڪر هڻندا ۽ زمين تي ليٽندا هئا. سندس ذڪر راڳ جي نموني تي هوندو هو. ڪيترا چور ۽ قبائلي ماڻهو سندس صحبت ۾ اچي سڌري ويا. ڪيترن پيرن طرفان سندس مخالفت به ٿي، پر هن کي ڪجهه نه ڪري سگهيا. آخري عمر ۾ بيمار گذارڻ لڳو ۽ 29 جمادي الاول 1355ھ، مطابق 18 آگسٽ 1926ع، اڱاري جي ڏينهن وفات ڪيائين.
پير صاحب جي وفات وقت سندس فرزند احمد شاهه ننڍو هو. مٽياري سيد، ميان حاجي علي اڪبر شاھه باقيل پوٽو سندس خاص خليفن مان هو. مختصر عرصي ۾ ئي سندس مريد ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا پير صاحب جي ننڍي فرزند ميان احمد شاھ جا طرفدار ٿيا، ۽ ٻيا حاجي علي اڪبر جا طرفدار ٿيا، جنهن سڪرنڊ جي اڀرندي طرف پنهنجي خانقاھ بنائي هئي. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد حاجي علي احمد جانشين ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو